ٻُٽا قبا

ٻُٽا قبا: پَٽ سليمان ۾ سليمان فقير لنڊ واري قبرستان کان اتر اولهه ۾ چار ڪلو ميٽر پري هيءُ قديم ۽ وڏو قبرستان آهي، جتي پڻ قبا آهن. انهن قبن کي هن نالي سان ان ڪري سڃاتو وڃي ٿو جو انهن جون ڇتيون ڊهي ويون آهن. هن وقت هن قبرستان ۾ ڪل 7 عدد گنبذي مقبرا ڏسجن ٿا، جن مان فقط ٻن تي گنبذ باقي آهن. باقي گنبذ اڌ يا مڪمل طور ڊهي چڪا آهن، جنهن ڪري ٻٽا ٿي پيا آهن. سڀني مقبرن جا دروازا اوڀر پاسي کان آهن. مقبرن کي ڏسي ائين ٿو لڳي ته انهن مان ٻه مقبرا مڪمل ٿي سگهيا هئا. باقي مقبرن تي ليپي ۽ پلستر جي مرحلي تي ئي ڪم بند ڪيو ويو هو، جيئن ته انهن تي ليپو - پلستر نه ٿيو، ان ڪري برساتن جي اثر هيٺ انهن کي جلد نقصان پهتو ۽ انهن جا گنبذ ڊهي پيا. هن قبرستان ۾ اڏاوتون ته ڪلهوڙا دور جون لڳن ٿيون، پر ڪنهن به قبر تي نالو ۽ سن نظر نه ٿو اچي. فقط هڪ قبر اهڙي آهي، جنهن جي وارثن قبر تي تازو ڪتبو هڻايو آهي، جيڪو هن ريت آهي: ”مزار شريف سخي عالم خان لُنڊ بلوچ پاڙو گهنوراڻي سن 11 هجري“ هيءَ قبر هڪ ٿلهي تي ٻين قبرن سان گڏ آهي، وارثن ان کي سائو رنگ ڪيو آهي. باقي اوڀر ۽ اولهه واريون قبرون اڇي پلستر واريون آهن. هن قبرستان ۾ شايد سڀ کان قديم مقبرا ۽ قبرون اهي ئي آهن، جن تي پلستر ٿيل آهي. اوچن ٿلهن تي موجود قبرون به لڳ ڀڳ ساڳئي دور جون معلوم ٿين ٿيون. پر انهن ۾ ٻه اڏاوتون خاص طور ڌيان طلبين ٿيون. جن مان هڪ مقبرو هن قبرستان جي اتر ۾ آهي. اهو مقبرو گهنور خان لنڊ جو ٻڌايو وڃي ٿو، جيڪو ميان وال تحريڪ ۾ به شامل رهيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو